بنون ۾ وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: صدر ايڪس سروس مين

راولپنڊي )ويب ڊيسڪ) ايڪس سروس مين سوسائٽي جي صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته بنون ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيڻ گهرجي، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جلد کان جلد آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي، بندش پيل تحريڪ طالبان وارا آمريڪي هٿيارن سان پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري رهيا آهن.
ملڪ ۾ ڪو مارشل لا نه پر رول آف لا آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريٽائرڊ فوجين جي نمائندي تنظيم ايڪس سروس مين سوسائٽي جي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا افغانستان ۾ 7 ارب ڊالر جا هٿيار، گاڏيون، نائيٽ ويزن گلاسز ۽ دهشتگردي ڇڏي ويو.
ملڪ ڊجيٽل ۽ فزيڪل دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي ماڻهو نشانو لڳائي پاڪ فوج تي حملو ڪن ٿا ان جو سبب پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي روڪڻ آهي، انهن سڀني ڳالهين کان مٿانهون ٿي اسان کي افغان سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اسان جا سڀني پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا هجڻ گهرجن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، رڳو هلندڙ سال 2024 ۾ اسان جي شهيدن جو انگ 575 ٿي ويو، عالمي رپورٽ موجب10 ملڪن کي دهشتگردي جو خطرو آهي جن ۾ پاڪستان چوٿين ۽ ڀارت 14هين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.