اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ پي ايس پي، پي اي ايس، او ايم جي ۽ ايڪس ڪيڊر جي آفيسرن جون ترقيون روڪيندي سڀني آفيسرن جون ترقيون ايف آءِ اي رپورٽ سان مشروط ڪيون ويون آهن.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايف آءِ اي کان 276 آفيسرن جي رپورٽ گهرندي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته هو ٻڌائين ته انهن آفيسرن خلاف ڪنهن قسم جي ڪا انڪوائري يا ڪيس رجسٽرڊ آهي؟
ايف آ3 اي کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هنن آفيسرن خلاف ڪنهن به قسم جو ڪيس يا انڪوائري ۾ جاچ جاري آهي هوندي ته ترقيون روڪيون وينديون، جن آفيسرن بابت ايف آءِ جي رپورٽ هاڪاري هوندي انهن کي ترقي ملندي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايف آءِ اي کي جلد کان جلد جواب ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ايف آءِ اي سڀني زونز کي ٻن ڏينهن ۾ تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سڀني آفيسرن کي بي پي ايس 18 کان 19 ۾ ترقي ڏني ويندي.
Prev Post
You might also like