سٺي خبر، سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 50 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 429 رپيا لاٿ بعد 2 لک 14 هزار 763 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 11 ڊالر گهٽجڻ بعد 2391 ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.