افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جو پي سي بي سان رابطو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ( اي سي بي ) انڊر 19 سيريز لاءِ پاڪستان سان رابطو ڪيو آهي.
اي سي بي ترجمان موجب، آءِ سي سي اجلاس ۾ اي سي بي ۽ پي سي بي اختيارين ۾ ٽه ملڪي يوٿ سيريز لاءِ مشاورت ٿي هئي.
ترجمان چيو ته يوٿ ٽه ملڪي سيريز لاءِ پاڪستان، گڏيل عرب رياستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڄاڻايل يوٿ سيريز جي وينيو ۽ تاريخ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.
ترجمان موجب، افغانستان اي ٽيم جي بنگلاديش ۽ زمبابوي جي دورن لاءِ ٻنهي بورڊز سان مشاورت جاري آهي.
ترجمان چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز سان وائيٽ بال سيريز طئي ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.