جيڪو جج ڄاڻي واڻي غلط فيصلو ڪري ٿو ان تي الله جو قهر نازل ٿئي: جسٽس طارق محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو آهي ته عدالت ۾ هر روز قرآن پاڪ ۽ درود شريف پڙهندو آهيان، ڄاڻي واڻي غلط فيصلو ڪندڙ جج تي الله جو قهر نازل ٿئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته وڪيل سٺو سهڪار ڪن ته ججن کي به فيصلا ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.
جج به انسان هوندا آهن، اسان هر فيصلو اهو سوچيندي لکندا آهيون ته اهو اسان جو امتحاني پيپر آهي، اسان جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته 8 فيبروري 2021 واري واقعي سبب بار ۽ بينچ ۾ وٿي پيدا ٿي وئي هئي.
جسٽس طارق محمود چيو ته نئون رجحان هو ته سڄي ملڪ ۾ پرچا ٿي ويندا هئا، مون فيصلو ڪيو ته هڪ واقعي تي هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل نه ٿي ڪري سگهجي، اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي جو حلف کنيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.