اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ٽن سالن ۾ ملڪي برآمد کي ساليانو 60 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي ترقي برآمدات بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ٽن سالن ۾ برآمدات جا 60 ارب ڊالر جي هدف لاءِ اپاءَ وٺن، گذريل مالي سال ملڪي برآمدات 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن.
حڪومتي پاليسين جي ڪري آءِ ٽي برآمدات 3.2 ارب ڊالر کان وڌي ويون جيڪو سٺو سنوڻ آهي.
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي برآمد ڪندڙن جا مسئلا ايندڙ ٻن هفتن ۾ حل ڪري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اجلاس جي پاڻ صدارت ڪندس.
You might also like