اسلام آباد (معظم فخر) پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاجي مظاهري جو سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪري پي ٽي آءِ لاءِ قبر کوٽي ڇڏي آهي. جنهن وقت پي ٽي آءِ باني ميڊيا آڏو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو هو، ان وقت آءِ ايس پي آر جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. عمران خان جو اهو اعتراف کيس سياسي قبر ۾لاهڻ کانسواءِ حقيقي قبر ۾ به لاهي سگهي ٿو. عمران خان اڻ سڌي طرح اعتراف ڪيو آهي ته 9 مئي واقعو منصوبابندي تحت ٿيو، جيڪڏهن سندس چوڻ تي جي ايڇ ڪيو آڏو مظاهرو ٿي سگهي ٿو ته ٻين شهرن ۾ به سندس چوڻ تي حملا ٿيا هوندا. آءِ ايس پي آر سربراهه اهو به اعلان ڪيو آهي ته فوج خلاف ٿيندڙ ڊجيٽل دهشتگردي ۽ پروپئگنڊا جو فوج پاڻ ئي جواب ڏيندي، ان لاءِ هو تڪڙيون پريس ڪانفرنسون ڪندو.