ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن غيرقانوني مظاهرن تي 57 بنگلاديشي شهرين کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، امن امان جي صورتحال بگاڙڻ جي الزام هيٺ بنگلاديشي پناهگيرن کي سزائون ٻڌايون ويون، سزائون ابوظهبي جي فيڊرل اپيل ڪورٽ طرفان آچر جي ڏينهن ٻڌايون ويون آهن.
فيڊرل اپيل ڪورٽ غيرقانوني مظاهرن جي ڪال ڏيڻ ۽ ٻين کي ورغلائڻ تي ٽن بنگلاديشين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته احتجاج ۾ شامل ٿيڻ تي 53 بنگلاديشي شهرين کي ڏهه، ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
عدالت چيو ته هڪ بنگلاديشي کي ملڪ ۾ غيرقانوني داخلا ۽ احتجاج ۾ شامل ٿيڻ تي 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، سمورن سزا يافته جوابدارن کي سزائون مڪمل ٿيڻ تي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سزا يافته جوابدارن بنگلاديشي حڪومت خلاف 18 جولاءِ تي گڏيل عرب رياستن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا هئا.
You might also like