چيمپيئنر ٽرافي 2025 بابت آءِ سي سي مان وڏي خبر اچي وئي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ ٿيل آءِ سي سي جي اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي جي بجيٽ جي منظوري آءِ سي سي جي اجلاس جي آخري ڏينهن ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ لاءِ بجيٽ فارمولو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آءِ سي سي گڏجي تيار ڪيو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي جي اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به شرڪت ڪئي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني پاڪستان، ٽورنامينٽ ايندڙ سال فيبروري کان مارچ تائين پاڪستان جي ٽن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.