صدر آصف علي زرداري جون ميئر ڪراچي کي اهم هدايتون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب صدر آصف علي زرداري سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ميئر ڪراچي جي ترجمان موجب ملاقات ۾ صدر پاڪستان ميئر کان ڪراچي جي معاملن تي بريفنگ ورتي.
ترجمان موجب ميئر ڪراچي ترقياتي ڪمن ۽ پاڻي جي منصوبن سميت مڪاني معاملن تي صدر کي بريفنگ ڏني ۽ برساتن ۽ ان بابت اپائن تي آگاهه ڪيو.
صدر ڪراچي کي اربن فلڊنگ کان بچائڻ جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
صدر ميئر ڪراچي کي زير زمين پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي منصوبن جي حڪمت عملي جي به هدايت ڪئي.
ان موقعي تي سيوريج جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ کان اڳ ٽريٽمينٽ ۽ استعمال جوڳو بڻائڻ جي منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.