ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو، جنهن ۾ 100 انڊيڪس ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 1578 پوائنٽس گهٽ ٿي ڪري 78 هزار 539 پوائنٽس تي بند ٿيو.
گذريل ٻن ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس ۾ 3 هزار 300 پوائنٽس جي لاٿ ٿي آهي.
اڄ ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 1680 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، جڏهن ته 100 انڊيڪس جي اڄ گهٽ ترين سطح 78 هزار 404 پوائنٽس ۾ رهي.
مارڪيٽ ۾ اڄ 37 ڪروڙ 55 لک جي شيئرز جا سودا 19.35 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 205 ارب رپيا گهٽجي 10 هزار 456 ارب رپيا آهي.
Karachi StockExchange Market