اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسلام آباد ۾ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا سيل تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاهدين جي بنياد تي ڇاپو هنيو.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مرڪزي آفيس ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا سيل انٽرنيشل ڊس انفارميشن جو حب بڻيل هو، ۽ اتان ملڪ دشمن ايجنسين سان گڏجي پاڪستان مخالف پروپيگينڊا ڪئي وئي پئي.
ذريعن جو چوڻ هو ته انهي ۾ سڌي ريت ملوث سمورن ماڻهن کي مشينري ۽ ايڪومپينٽ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گرفتار ڪري ورتو آهي.
ٻڌايو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حراست ۾ ورتل پي ٽي آءِ جي انٽرنيشل سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ طرفان ڏني ويندڙ معلومات تي اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي.
Pakistan PTI Imrankhan