ادارن، آئين ۽ قانون تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، اسان گهرو ويڙهه ڏانهن وڌي رهيا آهيون: اسد قيصر

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته بنون واقعي کي جواز بڻائي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ جواز پيدا ڪيو پيو وڃي.
صوابي جي ڊسٽرڪٽ بار جي حلف برداري تقريب جي موقعي تي وڪيلن کي خطاب ڪندي اسد قيصر چيو ته بنون واقعي کي جواز بڻائي نئون ڊرامو شروع ڪيو پيو وڃي پر اسان ڪنهن به صورت ۾ آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين.
پي ٽي آءِ وڌيڪ چيو ته اڳواڻ چيو ته خيبرپختونخوا جون جيڪي حالتون آهن ان کانپوءِ ملڪي ادارن، آئين ۽ قانون تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي جڏهن ته مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي خدا نه ڪري اسان گهرو ويڙهه ڏانهن وڌي رهيا آهيون، هاڻي بارود، بندوق ۽ بم ڌاماڪا نه هلندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.