جو بائيڊن صدارتي چونڊ وڙهڻ کان هٿ کڻي وي،ڪاملا هيرس جي نامزدگي لاءِ حمايت جو اظهار

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن صدارتي چونڊ وڙهڻ کان هٿ کڻي ويو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جوبائيڊن اعلان ڪيو ته آئون طبيعت جي ناچاڪي سبب صدارتي چونڊ نه ٿو وڙهي سگهان، اهڙو فيصلو پارٽي ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهي، باقي وقت صدارتي  مدو پورڻ تي وقف ڪندس، هن چيو ته پنهنجي فيصلي بابت هفتي کانپوءِ ميڊيا تي اچي عوام کي آگاهي ڏيندس.سي اين اين جي رپورٽ موجب نومبر ۾ سي اين اين جي صدارتي بحث ۾ سندس خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بائيڊن پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کي به قائل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته هو اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏئي سگهي ٿو.چيو وڃي ٿو ته جوبائڊن تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو سخت دٻاءَ هو ته هو چونڊ وڙهڻ کان هٿ کڻي وڃي، جنهن بعد هن اهڙو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.