لاهور(مزمل سهروردي) مارڪيٽ ۾ اهي ڳالهيون عام آهن ته فوج ۾ اختلاف هلي رهيا آهن، اسٽيبلشمينٽ موجوده صورتحال مان خوش ناهي،فوج تي جنرل عاصم منير جو ڪنٽرول ناهي، عاصم منير تي گهڻو دٻاءُ آهي ته تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪيون وڃن،پي ٽي آءِ جي مهم جي ڪري فوج شديد دٻاءُ ۾ اچي وئي آهي، حقيقت اها آهي ته فوج ۾ ڪو به اختلاف ناهي، اسٽيبلشمينٽ چوي ٿي ته توهان اسان تي هڪ حملو ڪندئو اسان توهان تي ٻه حملا ڪنداسين،پي ٽي آءِ فوج خلاف جيئن جنگ وڌائي رهي آهي فوج جو ري ايڪشن به تيزي سان اچي رهيو آهي،تحريڪ انصاف پاران سيز فائز ٿي وڃي ته پوءِ صورتحال ۾ ٺاپر ٿي سگهي ٿي، فوج اڃا تائين پي ٽي آءِ کي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي منهن ڏئي رهي آهي،عدالتن جا حڪم به مڃيا پيا وڃن، ٻئي پاسي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلافن جون خبرون به عام آهن،ٻنهي وچ ۾ شڪوا شڪايتن جو ماحول آهي، پر ائين ناهي، عاصم منير،شهبازشريف ۽ مريم نواز هڪ ٻئي خلاف شڪايتون نٿا رکن، فوج ۽ شهبازشريف وچ ۾ هم آهنگي جو ماحول آهي ان ۾ پ پ شامل ناهي،هن وقت فوج ۽ ن ليگ ۾ بنيادي اتحادي آهي، پ پ اسٽاپ گيٽ ارينجمينٽ طور بيٺل آهي،پ پ بي ڪيٽيگري جي اتحادي آهي، هي سيٽ اپ عاصم منير ۽ ن ليگ جو آهي جيڪو پنج سالن تائين هلائڻ جو فيصلو آهي، عدليه سان ويڙهه ۾ فوج ۽ ن ليگ گڏ آهن،ٻئي گڏجي فيصلا ڪري رهيون آهن، تحريڪ انصاف جي سهولتڪاري روڪڻ لاءِ گڏجي فيصلا ڪري رهيون آهن، پ پ کي اها شڪايت آهي ته وڏا فيصلا ڪرڻ مهل ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ کيس اعتماد ۾ نٿيون وٺن، ان ڪري ووٽ ڏيڻ مهل اها ناراضگي جو اظهار ڪندي آهي،شهبازشريف استعيفيٰ ڏيڻ جو نه پيو سوچي،اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ ۽ عدليه کي موجوده سيٽ اپ ڪيرائڻ جو جشن ملهائڻ ڇو ڏينديون؟ ايندڙ سال آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مدي ۾ واڌ ڏني ويندي،في الحال پارليامينٽ ذريعي عدليه کي منهن ڏنو ويندو،ملڪ ۾ ڪو به غيرآئيني قدم نه کنيو ويندو، پي ٽي آءِ تي پابندي،آرٽيڪل 6 لڳائڻ ۽ مخصوص سيٽن بابت فيصلن تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي قدم کنيا ويندا