اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عوامي ترقي جي منصوبن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي،سازشي ٽولي ادارا تباهه ڪيا، نتيجا ڏاڍا خراب نڪتا، هڪ شخص سازش ڪري پي ڪي ايل آءِ کي به تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته عام ماڻهو جي ترقي ۽ خوشحالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، تعليم ۽ علاج غريبن جو بنيادي حق آهي، اتحادي حڪومت جا تحفا سڄي ملڪ لاءِ آهن.
هن چيو ته هڪ ٽولي عوامي ترقي جي معاملي تي سياست ڪئي، جنهن ڪري عوامي ترقي جا منصوبا سياست جي نذر ٿي ويا، تقريب دوران وزيراعظم شهباز شريف طرفان ملڪ ۾ بجلي بحران جي خاتمي جي دعويٰ ڪئي وئي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڳ ملڪ ۾ بجلي جو بحران هو پر هاڻي ناهي، جذبات ۾ اچي چيو هو ته 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪنداسين، ان وقت مون تي تمام گهڻو ٺٺوليون ڪيون ويون، مون ڏينهن رات محنت ڪئي، توهان ڏٺو ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ 20- 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي.
Pakistan politics shahbazsharif
You might also like