لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف جي اڳوڻي پولٽيڪل سيڪريٽري ۽ ويجهي ساٿي آصف ڪرماڻي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ن ليگ کان عليحدگي بعد جاري ڪيل بيان ۾ آصف ڪرماڻي جو چوڻ هو ته ڳچ عرصي کان پاڻ کي ن ليگ جي سياسي معاملن کان الڳ ڪري ڇڏيو هو، هاڻي باضابطا طور تي عليحدگي جو اعلان ڪريان ٿو.
هن چيو ته مهانگائي ۽ بجلي جي واڌو بلن سبب عوام مري رهيو آهي، خوشامدي ٽولا سڀ ڪجهه ٺيڪ هئڻ جو راڳ آلاپي رهيا آهن، نواز شريف بي خبر آهي، نواز شريف کي حالتن کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر خوشامدي ٽولي سبب ممڪن نه ٿي سگهيو.
سندس چوڻ هو ته خوشامدي ٽولو چئي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر ڪجهه به ٺيڪ ناهي، تمام جلد تفصيلي بيان جاري ڪري پارٽي ڇڏڻ جا سبب ٻڌائيندس.
Pakistan NawazSharif Nleague