اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي، امن جي بحالي۽ مئنڊيٽ جي واپسي لاءِ 26 جولاءِ تي ملڪگير احتجاج ڪيو ويندو.
اسد قيصر جي ڊي اي سميت سڀني سياسي جماعتن کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي، اسد قيصر دعويٰ ڪئي ته ايم اين ايز کي خريد ڪيو پيو وڃي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان طرفان اعلانيل ملڪ گير احتجاج کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پارٽي طرفان مون تي رابطا مهم تيز ڪرڻ جي ذميواري رکي آهي.
گذريل ڏينهن محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ 26 جولاءِ تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ باني سوڌو ٻين جي آزادي لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرڻ سان گڏ بنون ۾ امن مارچ دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال جي جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو هو.
Pakistan opposition PTI
You might also like