تحريڪ انصاف دهشتگرد جماعت آهي، بنون ۾ فائرنگ پي ٽي آءِ جي ماڻهن ڪئي:عطا تارڙ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ هميشه لاشن تي سياست ڪندي آهي، پي ٽي آءِ جي ڪوشش هئي ته بنون واقعي جو الزام پاڪ فوج تي لڳايو وڃي ته شهرين تي فائرنگ ڪئي وئي.
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني بيان ڏنو ته شهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ٻارن جون تصويرون رکي چيو پيو وڃي ته بنون ۾ هي واقعو پيش آيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ سياسي پارٽي کي تحريڪ انتشار چيو وڃي ٿو، ان جا اڳواڻ هميشه لاشن جي ڳولا ۾ هوندا آهن، 15 جولاءِ تي اسان جا 8 جوان شهيد ٿيا، پي ٽي آءِ جي اها ڪوشش هئي ته بنون واقعي جو الزام پاڪستاني فوج تي لڳايو وڃي پر هنن جي اها ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بنون ۾ واپارين جو امن مارچ ٿيو، ان ۾ ڪجهه سياسي پارٽين جا ماڻهو به شريڪ ٿيا، تحريڪ انتشار جي ماڻهن شرڪت ڪري مارچ جو روٽ تبديل ڪيو، جتي دهشتگردي جو واقعو ٿيو، اتي وڃي هنن فائرنگ ڪئي.

Pakistan PTI AttaTarar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.