ڪاري جادوءَ جو علاج، نوجوان ناريءَ جي مٿي مان 77 سُئيون ڪڍيون ويون !

ڀارت ۾ ڪاري جادوءَ سبب متاثر 19 ورهين جي ناري جي مٿي مان 77 سُئيون ڪڍيون ويون .
ڀارتي رياست اڙيسا ۾ ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ريشما بهرا نالي ناري جي مٿي مان درجني سُئيون ڪڍيون ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، چار سال اڳ ريشا جي ماءُ ديهانت ڪري وئي جنهن کانپوءِ هوءَ بيمار رهڻ لڳي ۽ علاج لاءِ ڪارو جادو ڪندڙ هڪ عامل وٽ وئي جيڪو علاج لاءِ سندس مٿي ۾ سُئيون لڳائيندو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب، باربار مٿي ۾ سخت تڪليف جي شڪايت ڪرڻ تي گهرڀاتين طرفان ريشما کي اسپتال آندو ويو جتي سي ٽي اسڪين جي مدد سان ڊاڪٽرن کي ڇوڪري جي مٿي ۾ ڪيتريون ئي سُئين جي موجودگي جو پتو پيو.
ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن طرفان ريشما جون ٻه سرجريز ڪيون ويون ۽ سندس مٿي مان 77 سُئيون ڪڍيون ويون.
ڊاڪٽرن موجب، خوش قسمتيءَ سان ريشما جي مٿي جي هڏيءَ کي ڪو نقصان ناهي پهتو، پر سندس مٿي جي نازڪ رڳن کي نقصان پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.