نصرالله گڏاڻي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ صحافي پاڻ کي غيرمحفوظ پيا سمجهن: پي ايف يو جي

گوجرانوالا(خاص عيوضي) پاڪستان اندر صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر سميت 8 صحافين کي ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي ماريو ويو آھي، سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ خطرناڪ حد تائين واڌارو آيو آھي، صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن. اھڙن خيالن جو اظهار  پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس(پي ايف يو جي) جي گوجرانوالا ۾ ھلندڙ ايف اي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کي پي ايف يو جي صدر افضل بٽ، سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري، ناصر زيدي، مظھر عباس، خالد کوکر، خورشيد عباسي ۽ سمورين يونين جي صدرن ۽ سيڪريٽرين ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي صحافين چيو ته پاڪستان ۾ سوچڻ، لکڻ ۽ ڳالھائڻ تي بندشون ھنيون ويون آھن، ھاءِ برڊ رجيم پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزادي کسڻ گھري ٿو، پر اسين اظھار راءِ جي حق تان ھٿ نه کڻنداسين. ھنن چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ جوڙيل سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جو ڪردار ساراھه جوڳو آھي، پر اھڙي ڪميشن ٻين صوبن ۾ ٺھي نه سگھي آھي. اجلاس ۾ چيو ويو ته فون ٽيپ ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو پاڪستان جي شھرين کي اظھار راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ آھي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي تجويز ڪيل ھتڪ عزت سميت وفاقي حڪومت جي ميڊيا بابت سمورن قانونن تي تفصيل سان بحث ڪرڻ بعد پي ايف يو جي ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ان ڏس ۾ پنھنجون سفارشون ڏيندي. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ملڪ اندر ڪنھن به اھڙي قانون کي نه مڃبو جنھن سان بنيادي انساني حقن جي رستا روڪ ٿيندي ھجي ۽ اظھار راءِ جي آزادي کسي وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اشتهارن جي ادائيگي وقت سر نه ٿيڻ ڪري صحافي ورڪر معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ پنجاب جي اطلاعات کاتي جي وزير عظميٰ بخاري مھمان طور ڳالھائيندي چيو ته ھن وقت ڊجيٽل ميڊيا پرنٽ ميڊيا کي کائي رھي آھي اسين پرنٽ ميڊيا کي بچائڻ جا خواهشمند آهيون. ھن چيو ته ھتڪ عزت قانون سان عامل صحافي متاثر نه ٿيندو، ھي بل انھن ماڻھن لاءِ آھي جيڪي ميڊيا جي آڙ ۾ ڊالر ڪمائين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.