ڪنهن به مسئلي جو حل فوجي آپريشن ۾ ناهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين  محنتي بنو واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙا واقعا ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ بهتر ناهن، سڀني مامرن کي ڳالهين ذريعي افهام تفهيم سان حل ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به مسئلي جو حل فوجي طاقت يا آپريشن ناهي، پختون قوم اڳ ۾ ٿيندڙ فوجي آپريشنز ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو آهي جنهن جا زخم اڃان تازا آهن، عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بنا ڪوبه آپريشن استحڪام بدران عدم استحڪام جو سبب بڻجندو انڪري ڪنهن به آپريشن کان پهرين ڪي پي جي قيادت ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، بنو واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جو سرڪاري خرچ تي بهترين علاج ۽ شهيد ٿيندڙ بي گناه ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي، بي گناهه ماڻهن مٿان فائرنگ ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خير خواهه ناهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي جي ضلعي شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو 26 جولاءِ تي رٿيل ڌرڻي جي حوالي سان تيارين سميت دعوتي  ۽ تنظيمي مامرن جي رپورٽ پيش ڪئي، صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، مولانا يعقوب منگي سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير سنڌ ۾ امن امان جي بدترين حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪارونجهر کان گورک تائين حڪمرانن “ سنڌ براءِ فروخت” بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مقامي هارين ۽ آبادگارن کي ڏيڻ بدران ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ ناانصافي آهي جنهن “ ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻو سول اسپتال جي بجيٽ 06 ارب هجڻ باوجود عوام سستي علاج جي سهولتن کان به محروم آهي، “سسٽم” ڪرپشن توڙي ڪميشن ڪراچي کان ڪشمور تائين صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جي 16ساله حڪومت باوجود سڄي سنڌ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.