راولپنڊي(م ڊ)تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون، آئون پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندس، پوءِ ڀلي سڄي ڄمار جيل ڇو نه ڀوڳڻو پوي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهين دوران عمران خان کان صحافي سوال ڪيو ته وفاق ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اوهان جي پارٽي قيادت پيپلز پارٽي سان ڳالهين جو اشارو ڏنو آهي؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ ۾ ڪوبه فرق نه آهي اهي هڪ آهن، هي ٻئي فارم 47 جي پيداوار آهن. تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ پ پ سان تڏهن ڳالهيون ڪريان جڏهن مون کي اقتدار ۾ اچڻو هجي.عمران خان چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جمهوريت جو قتل آهي، اسان جي پارٽي تي اڳ کان ئي پابندي هئي انهي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو ويو. پارٽي جو چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ صدر اڳ ئي جيل ۾ هئا هي ٻيهر چون ٿا ته پارٽي تي پابندي لڳائينداسين مريم نواز چوي ٿي ته ججز صحيح نه آهن، ججز تڏهن صحيح هئا جڏهن هنن جا ڪيس ختم ڪيا ويا.اڳوڻي وزياعظم چيو ته هن مخصوص طبقي جو 60 سالن کان ملڪ تي قبضو ۽ حڪمراني جاري آهي. ايليٽ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ساڳئي ايليٽ ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي. هن چيو ته بنون واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. سڀني کي خبر آهي ته بنون واقعي جي دوران ملٽري هٿين خالي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، منهنجو مطالبو آهي ته بنون واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي. دهشتگردي جي خلاف جنگ انهي وقت تائين نٿي کٽي سگهجي جيستائين قوم گڏ نه هجي. هي چون ٿا 9 مئي اسان ڪيو؟ اسان جو مطالبو آهي ته 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي، ڇو نه قائم ڪيو ويو؟ هي 9 مئي جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن ڇو نه پيا ٺاهين؟ ان ڏينهن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز ڇو سامهون نه پيون آنديون وڃن. اسان جون حڪومتون ختم ڪرڻ جي باجود هنن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون جنهن جي ڪري آرٽيڪل 6 هنن جي مٿان لاڳو ٿيڻ گهرجي. عمران خان چيو ته مان سڄي زندگي جيل ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيان پنهنجي موقف کان پوئتي هٽڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن، هنن کي ڊپ آهي ته ڪٿي تڪ نه کوليا وڃن، هي انهي جي لاءِ ججز تبديل ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کان پي ٽي آءِ کي سيٽون نه مليون ته اليڪشن ڪميشن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. جيڪڏهن منهنجي زال کي ڪجهه ٿيو ته جن ماڻهن جا مون نالا ورتا هئا انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين مان زنده آهيان انهن جو پيڇو ڪندس.