اسلام آباد (م ڊ) واپار واري اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته هلندڙ سال جي پهرئين ٽن مهينن (جنوري کان مارچ) دوران خود مختيار پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) کي 450 ارب رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. اڳوڻي نگران وزير ڪيپيسٽي پيمنٽس جي ڊيٽا شيئر ڪري ڇڏي. گوهر اعجاز ٻڌايو ته مختلف آءِ پي پيز کي جنوري کان مارچ 2024 دوران ماهوار 150 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته آءِ آءِ پيز مان اڌ 10 سيڪڙو کان به گهٽ ڪيپيسٽي تي هلي رهيا آهن، 4 پاور پلانٽس بجلي پيدا ڪرڻ کانسواءِ 10 ارب رپيا ماهوار وٺي رهيا آهن. گوهر اعجاز جو چوڻ هو ته اسان جي حلال جي ڪمائي 40 ڪٽنبن ۾ ڪيپيسٽي پيمنٽس جي مد ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي، انهن پاور پلانٽس کي پيسا تڏهن ئي ڏنا وڃن جڏهن بجلي پيدا ڪن، نيپرا ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندگي ڏني وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير گوهر اعجاز مطالبو ڪيو ته حڪومت عوام جي پيسي تي ڪاروبار نه ڪري، واهپيدارن سان زيادتي نه ڪئي وڃي.
-
ڪراچي وارن لاءِ بجلي 5 رپيا 45 پيسا مهانگي ڪرڻ جا سانباها
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ خانگي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهه ۾ 5 رپيا 45 پئسا في يونٽ واڌ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون. ڪي اليڪٽرڪ مئي جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 53 پيسا في يونٽ ۽ جون جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 92 پيسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. نيپرا طرفان جيئن جو تيئن منطوري سان واهپيدان تي 10 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواستن تي 30 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندي.
-
آئي پي پيز جي جا مالڪ حڪومت ۾ ويٺل آهن: حافظ نعيم
لاهور (م ڊ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آئي پي پيز جي اڪثريت جا مالڪ حڪومت ۾ ويٺا آهن ۽ عوام جو رت نچوڙي رهيا آهن، حڪمرانن جا ظالماڻا فيصلا دنيا ۾ ڪٿي به ناهن آئي پي پي ايس سان گڏ حڪمران طبقو غريب عوام جي محنت جو پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪلي ٿو، گذريل ٽن مهينن ۾ آءِ پي پيز کي 450 ارب ڏنا ويا آهن، بجلي پيدا نه ڪرڻ تي ڪيترائي آءِ پي پيز کي ماهوار 10 ارب ڏنا وڃن ٿا. ڪانٽريڪٽ جا تفصيل قوم آڏو پيش ڪيا وڃن، انڌا ٺيڪا عوام ادا ڪري رهيا آهن، 18 رپيا في يونٽ ڪيپيسيٽي چارجز ۾ اضافو ڪيو وڃي. 26جولاءِ جو اسلام آباد ڌرڻو بجلي جي اگهن ۾ واڌ خلاف آهي، غير قانوني ٽيڪس واپس ورتو وڃي.