ڪراچي ۾برسات، مختلف واقعن ۾ ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته وري ڪٿي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ گرمي  جي ستايل شهرين جي چهرن تي مرڪ اچي وئي آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڪڪر مختلف علائقن ۾ وسي رهيا آهن، شهر ۾ ڀٽائي آباد، گزري، ڪلفٽن، ڊفينس، لياري، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، گلشن حديد ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن سرجاني ٽائون، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، ڪورنگي ۽ لانڍي سميت لاڳاپيل علائقن ۾ به برسات رڪارڊ ٿي رهي آهي. ياد رهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موسميات کاتي طرفان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن برسات سبب ٿيندڙ مختلف واقعن ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڪٽي پهاڙي واري علائقي ۾ برساتي وهڪري ٻارڙي کي نالي ۾ کڻي وئي، جنهن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، هوڏانهن لانڍي ۽ سائيٽ ايريا ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.