بنگلاديش: شاگردن جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو، فوج طلب

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، حڪومت احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري فوج کي طلب ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ فوج طلب ڪرڻ جو فيصلو سول انتظاميا جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي مظاهرن ۾ فوتگين جو ڪُل انگ سئو کان ٽپي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.