آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه شيلا جيڪسن لاڏاڻو ڪري وئي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه ڪانگريسي ميمبر شيلا جيڪسن لي لاڏاڻو ڪري وئي.
شيلا جيڪسن لي ڊگهي عرصي کان ڪئنسر جي مرضي ۾ مبتلا هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 74 سالن جي شيلا جيڪسن لي، ڊگهي عرصي کان ڪئنسر ۾ مبتلا هئي، جيڪا جمعي تي فوت ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شيلا جيڪسن جي پونئرن ۾ سندس مڙس ۽ 2 ٻار آهن.
آمريڪي رياست هيوسٽن سان تعلق رکندڙ شيلا جيڪسن جو ڳاڻيٽو ٽيڪساس سان واسطو رکندڙ سڀني کي وڌيڪ عرصي تائين ڊيموڪريٽ ڪانگريس ميمبرن ۾ ٿيندو هو.
شيلا جيڪسن ڊيموڪريٽ طرفان پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1994ع ۾ ڪئي ۽ هن پهرين ئي پرائمري اليڪشن ۾ 4 ڀيرا ڪامياب ٿيندڙ ڊيموڪريٽ ڪريگ واشنگٽن کي شڪست ڏني.
پاڪستان جي حڪومت طرفان سيپٽمبر 2022ع ۾ شيلا جيڪسن کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان سان نوازيو هو.
ان کانسواءِ شيلا جيڪسن عوامي ميڙاڪن ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان به مشهور هئي ۽ هوءَ پنهنجي اباڻي علائقي هيوسٽن لاءِ فيڊرل فنڊز وٺڻ لاءِ جدوجهد جي حوالي سان به ڄاتي ويندي هئي.
شيلا جيڪسن 2009ع ۾ شهر ۾ لائيٽ سسٽم جي بهتري لاءِ هڪ ڊالر جي ڳري رقم منظور ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.