يوڪرين جي قوم پرست ۽ اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر ارينا فاريون کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ارينا فاريون کي يوڪرين جي اولهندي شهر ليويو ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
ارينا فاريون 2023 ۾ ان وقت خبرن ۾ آئي جڏهن هن هڪ بيان ۾ اِهو چيو هو ته حقيقي معنيٰ ۾ يوڪرين ۾ يوڪرائني قوم پرستن کي ڪنهن به قسم جي صورتحال ۾ روسي ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي.
پوليس طرفان خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته 60 ورهين جي پروفيسر کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي هر رخچ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر جي قاتل جي نشاندهي نه ٿي سگهي آهي ڇو ته جنهن وقت اِهو واقعو پيش آيو ان وقت علائقن ۾ بجلي معطل هئي جنهن سبب سي سي ٽي وي ڪيمرائون بند هيون.
يوڪرين جي صدر والاديمير زيلنسڪي پروفيسر ارينا فاريون جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پروفيسر جي قتل ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروئي کين سخت سزا ڏني ويندي.
You might also like