سون مسلسل ٻئي ڏينهن سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 50 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون 857 رپيا لاٿ بعد 2 لک 14 هزار 335 رپين ۾وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 15 ڊالر گهٽجڻ بعد 2380 ڊالرز ٿي وئي آهي.، پاڪستان سون جي عالمي قيمت ويه ڊالر پريميم شامل ڪري 2400 ڊالر في اونس آهي.

Gold Rate Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.