گجرات مان گرفتار ڪيل اساما بن لادن جي ويجهي جا پڇاڳاپا دوران اهم انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي ) جي ڪارروائي ۾ گرفتار القاعدا جي انتهائي گهربل دهشتگرد امين الحق مشرقي کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، امين الحق افغان شهري آهي، وٽس موجود سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي تي سال 2020 جي تاريخ لکيل آهي جڏهن ته پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت الڳ سان جاچ جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امين الحق جاچ اختيارين جي آڏو دعويٰ ڪئي آهي ته سندس القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اساما بن لادن سان پندرنهن نومبر 2001 تي آخري ملاقات ٿي.
واضح رهي ته سي ٽي ڊي 19 جولاءِ تي پنجاب جي شهر گجرات ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن بعد دهشتگرد امين الحق کي گرفتار ڪيو ويو هو .
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عثمان اڪرم گوندل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو هو گرفتار دهشتگرد امين الحق القاعدا جو اهم ويڙهاڪ آهي جنهن جو نالو گڏيل قومن جي عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ به شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته امين الحق جي گرفتاري بعد ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، عالمي سطح تي امين الحق اساما بن لادن جي سيڪيورٽي سپروائزر طور ڄاتو ويندو هو.
ڊي آ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته دهشتگرد 2007 ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ چار سال سزا ڪاٽي هئي، دشمن ملڪ جي ايجنسي سندس گرفتاري تي تمام گهڻي پروپئگنڊا ڪئي هئي، هي آگسٽ 2021 “ افغانستان ۾ نظر آيو ۽ ويجهڙائي ۾ پاڪستان داخل ٿيو، دهشتگرد پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيو هو ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته دهشتگرد وٽ پاڪستان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ به آهي، سندس ڪارڊ تي لاهور ۽ هريپور جي ايڊريس لکيل آهي، مٿس جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي اِها سزا کيس ڀوڳڻي پوندي.
ياد رهي ته القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اساما بن لادن کي ٻه مئي 2011 تي پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ آمريڪي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.