هڪ سافٽ ويئر اَپ ڊيٽ سڄي دنيا ۾ آءِ ٽي ۽ ٽرانسپورٽ نظام ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو!

گلوبل سائبر سيڪيورٽي سسٽم ۾ خرابي، برطانيا ۾ ڪيئي اُڏامون رولڙي جو شڪار، مسافر پريشان
لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) عالمي سطح تي آءِ ٽي سسٽم ۾ خلل سبب برطانيا ۾ هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين اُڏامن جي دير ۽ رد ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ماهرن جو چوڻ آهي ته سسٽم جي مڪمل بحالي ۾ ڪيئي هفتا لڳي سگهن ٿا، سائبر سيڪيورٽي جي هڪ اَپ ڊيٽ جي ڪري پيدا ٿيل مسئلي سبب سموري دنيا ۾ ڪيترن ئي ادارن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
رپورٽ موجب 19 جولاءِ تي برطانيا مان ويندڙ 167 ايندڙ 171 اُڏامون ڪئنسل ڪيون ويون هيون، هيترو، گيٽ وڪ، مانچيسٽر، بيلفاسٽ هوائي اڏن جي مسافرن کي ايئرپورٽ اچڻ کان اڳ معلومات حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ٽي سسٽم ۾ خرابي سبب سموري دنيا ۾ مجموعي طور تي پنج هزار کان وڌيڪ اُڏامون ڪئنسل ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته 19 جولاءِ تي سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ڪرائوڊ اسٽرائيڪ جي سافٽ ويئر ۾ خرابي سبب سڄي دنيا ۾ مائيڪرو سافٽ جي آپريٽنگ سسٽم ونڊوز تي ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽرز متاثر ٿيا هئا، آءِ ٽي سسٽم ۾ خلل سبب فارميسي، بئنڪس ۽ آن لائين پيمنٽ سروسز پڻ متاثر ٿيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.