اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.
شڪايت پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، جسٽس رٽائرڊ نور الحق قريشي ۽ شبير احمد طرفان گڏيل طور داخل ڪرائي وئي آهي.
جڊيشل ڪائونسل ۾داخل شڪايت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرز ڪميشن جي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
شڪايت ۾ چيو وي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز پي ٽي آءِ جي مينڊيٽ ۽ عدالتي فيصلن کي هيٺائون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، اداري جي اهڙي قدم سبب 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽرز متاثر ٿيا.
شڪايت ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل کان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز تي مڙهيل الزام جي جاچ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
You might also like