ڪراچي( رپورٽ: جاني سومرو) سکر جي سنگرار شهر مان 3 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري جي امڙ روينا، والد راج ڪمار ۽ سول سوسائٽي طرفان 3 تلوار تي احتجاجي مظاهرو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن طرفان هٿن پلي ڪارڊ ۽ پريا ڪماري جون تصويرون کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي سان سان ڳالهائيندي پريا ڪماري جي امڙ روينا چيو ته 3 سال گذري ويا آهن پر هن مهل تائين منهنجي نياڻي پريا آزاد نه ٿي ڪرائي وڃي، مان 3 سال صبر ڪيو انتظاميا صرف ڪوڙا دلاسا ڏيندي رهي پر هاڻي مان صبر نه ڪندس جيستائين منهنجي نياڻي پريا ڪماري آزاد نه ڪرائي ڏني ويندي تيسائين احتجاج جاري رکندس، سڀني سنڌ واسين کي گذارش ٿي ڪيان جيستائين منهنجي نياڻي پريا ڪماري بازياب نه ٿي ڪرائي وڃي تيستائين منهنجو ساٿ ڏيو، پوليس چوي ٿي ته پريا بلڪل صحيح سلامت آهي، پنجاب ۾ آهي ته پوءِ مونکي منهنجي نياڻي بازياب ڇو نه ٿي ڪرائي ڏني وڃي. پريا جي والده چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته پريا پنجاب ۾ آهي ته وري ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته پريا چولستان ۾ آهي، مان پوليس کي ۽ انتظاميا کي هٿ ٻڌي اپيل ٿي ڪيان ته منهنجي ڌيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي. احتجاجي مظاهري ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو،ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني، بئريسٽر اختر جبار، ڪلپنا ديوي، خالق جوڻيجو، نياز ڪالاڻي، شازيه ڪاسي، مير مظفر بروهي، لياقت جلباڻي، الاهي بخش بڪڪ، غزالاه، سهڻي پارس ۽ ٻين ڌرڻي سان خطاب ڪندي چيو ته 3 سال اڳ محرم الحرام جي مهيني ۾ سبيل هلائيندي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو جيڪا هن مهل تائين بازياب نه ٿي ڪرائي وڃي، پريا ڪماري جي وارثن کي پوليس صرف ڪوڙا واعدا ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ته پر پ پ طرفان هن مهل تائين پريا جي آزادي ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي، اها رياست جي ذميواري آهي ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪري پر سنڌ اندر روز بروز اغواڪاريون وڌي رهيون آهن، پريا جي آزادي لاءِ جي آئي ٽي جوڙيون ويون پر انهن به ڪجهه نه ڪيو، 3 سالن تائين پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيا ويا پر انتظاميا ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، پريا ڪماري هندو نياڻي ناهي هوءَ سنڌ جي نياڻي اسان سڀني جي ڌيءَ آهي، پوليس کي سڀ خبر آهي ته معصوم نياڻي پريا ڪماري ڪنهن وٽ پر پوليس پريا ڪماري کي بازياب نه ٿي ڪرائي، اسان پريا ڪماري جي بازيابي تائين پريا ڪماري جي امڙ سان گڏ آهيون جيستائين معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب نه ٿو ڪرايو وڃي تيستائين هي احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار چيو ته اسان جو مذهب انسانيت آهي، پريا ڪماري هن وقت تائين بازياب ناهي ٿي، اھڙو عمل شرمناڪ آهي، رياست لا علم ناهي، پر ان کي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ھن چيو تھ پريا ڪماري اسان سڀني جي نياڻي آهي، اڄوڪو ڌرڻو سندس جي آزادي لاءِ آهي. ھن مطالبو ڪندي چيو تھ بنا دير معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سندس والدين حوالي ڪيو وڃي. احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ سميت مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ هندو برادري، سول سوسائٽي، مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، صحافين، وڪيل برادري عورتن توڙي مردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاھرين ٽي تلوار چوڪ تي ڊفينس ۽ صدر ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنھن ڪري ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر رھي، جڏھن ته پوليس پاران ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ مظاھرين مٿان لٺ بازي ڪئي وئي.