جيڪب آباد( پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ جيڪب آباد ضلعي جي ڪانگريس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسقم مرڪزي عهديدار امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو، شبير شر به شريڪ ٿيا، جڏهن ته ضلعي ڪانگريس کان پوءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، هر طرف بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آهي، سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف ناهي، 34 مهينا گذاري ويا آهن، سکر مان معصوم پريا ڪماري گم آهي، جنهن کي زمين ڳيهي وئي يا آسمان کائي ويو آهي جو سنڌ سرڪار سندس پتو لڳائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جوڙيل جي آئي ڊي رڳو ميڊيا جي زينت بڻجي بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي پر معصوم پريا جي بازيابي لاءِ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هن چيو ته معصوم پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ جدوجهد جو سلسلو وڌايو ويندو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ کي بچائڻ لاءِ سياسي جدوجهد سان گڏ سنڌ ۾ تنظيمي دورو به شروع ڪيو آهي، هر هڪ ڪارڪن ۽ سنڌي ماڻهن سان سڌو رابطو ڪري جدوجهد جو ميدان سينگاريون ويندو، هن چيو ته 10 آگسٽ تي رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي جي سالگرھ جي موقعي تي قومي ڪانفرنس ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ جا اديب، دانشور خطاب ڪندا، جڏهن ته ٺل شهر ۾ جسقم ضلعي جيڪب آباد جي ڪانگريس ۾ چونڊيل ضلعي باڊي صدر وارث جکراڻي، نائب صدر علي رضا مهر، جنرل سيڪريٽري شمن علي سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري وحيد راهي، ماليات سيڪريٽري عابد سنڌي ،انفارميشن سيڪريٽري عبدالستار ميمڻ کي ڌرتي ماءُ سان وفاداري جو حلف پڻ کڻايو.