بنون ۾امن مارچ دوران ڀاڄ، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

بنون ( م ڊ ) بنون ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران امن لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ريلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀاڄ پوڻ سبب 4 ڄڻا ڇيپاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پي پيا، رپورٽ مطابق جڏهن امن مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ اسپورٽس ڪامپليڪس وٽ روڊ تي پهتا ته اوچتو انهن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بنون جي ترجمان موجب 4 ڄڻن جا لاش اسپتال پهچايا ويا آهن.احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ علماءَ، واپاري، سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. شهر جي خليفي گل نواز اسپتال جي ترجمان ٻڌايو آهي ته واقعي کانپوءِ 4 شخصن جو لاش ۽ 23 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمين مان گھڻا اهڙا آهن جيڪي ڀاڄ سبب ڪري زخمي ٿيا ۽ ڪجهه گوليون لڳڻ سبب پڻ زخمي ٿيا آهن، واضح رهي ته بنون ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ڪيترن ئي واقعن کانپوءِ حڪومت کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي.  بنون ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن خلاف شهر جي واپاري برادري جي سڏ تي جمعي تي امن مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ هن وقت هزارين ماڻهو شرڪت ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.