ڪي پي مان پي ٽي آءِ تي پابندي جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اجلاس۾ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. قانون واري وزير آفتاب عالم قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي.پشاور ۾ ٿيل اسيمبلي اجلاس جي قرارداد موجب پي ٽي آءِ سياسي جماعت آهي، ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ان جي نمائندگي آهي.قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي بقا لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ تي پابندي آرٽيڪل 17 جي ڀڃڪڙي هوندي.ٺهراءُ موجب اليڪشن ڪميشن غير قانوني طور پي ٽي آءِ جون مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏنيون، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون واپس ڪري ڇڏيون آهن. ٺهراءُ موجب پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کان به ٻاهر ڪيو ويو. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي.جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي عزم استحڪام آپريشن بابت به ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، قرارداد خيبرپختونخواهه جي قانون واري وزير آفتاب عالم پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن به فيصلي کان اڳ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عزم استحڪام آپريشن سان ٿيندڙ نقصان جي ذميواري وفاقي حڪومت تي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.