کٽي ويس ته سڀ جنگون هڪ فون ڪال تي ختم ڪرائي ڇڏيندس:ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ روس يوڪرين ۽ حماس اسرائيل جي جنگ تي ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مان صدر بڻجي ويس اهڙيون جنگيون هڪ فون ڪال تي ختم ڪرائي ڇڏيندس.
آمريڪي نشرياتي اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ جو حماس جي 7 آڪٽوبر تي اسرائيلي سرزمين ۾ داخل ٿي حملي جو ذڪر ڪندي چوڻ هو ته جيڪڏهن مان صدر هجان ها ته اسرائيل تي ڪڏهن به حملو نه ٿئي ها.
جوبائيڊن انتظاميا لکي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته دنيا اسان مٿان کلي رهي آهي، هاڻوڪي حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ۽ اهي اليڪشن ملڪي تاريخ ۾ اهم ترين ثابت ٿيندا.
شمالي ڪوريا جي سربراهه جي حوالي سان ٽرمپ جو چوڻ هو ته سمجهان ٿو ته هو منهنجي ڪمي محسوس ڪري رهيو هوندو.
اڳوڻي آمريڪي صدر پاران پاڻ مٿان قاتلاڻي حملي دوران مارجي ويل شهرين کي وارثن لاءِ 63 لک ڊالر جمع ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو.
America DonaldTrump President

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.