اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيئرمين ۽ جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرن کي خط لکي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو.
عمر ايوب جوڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ ايڊهاڪ ججز جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪندي ججز جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ايڊهاڪ ججز جي مقرري مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته تازو 8 مان 5 ججز جي فيصلي بعد اهڙي تجويز سامهون آئي آهي.
ياد رهي ته سينيٽ جي مخالف ڌر واري اڳواڻ شبلي فراز به جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ۽ چيف جسٽس کي خط لکي ايڊهاڪ ججز جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪندي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو هو.
PTI UmarAYob Imrankhan
You might also like