پشاور ۾ سوشل ميڊيا تي پوسٽون ڪرڻ تان فائرنگ، 3 ڄڻا قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ ٿاڻي يڪا توت جي علائقي رشيد ڳڙهي ۾ فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعو سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي مواد شيئر ڪرڻ تان پيش آيو، پوليس موجب ٻنهي ڌرين سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي خلاف مواد شيئر ڪيو هو.

لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪندي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا.

Pakistan SocialMedia Peshawar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.