ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ٽي تلوار وٽ پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سول سوسائٽي ۽ هندو ڪميونٽي طرفان ڌرڻو جاري آهي.
ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿي پيون، پوليس 20 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري روڊ جو هڪ پاسو کولرائي ڇڏيو.
شروعاتي اطلاعن موجب پوليس چڪرين دوران هڪ ڪيمرامين سميت 20 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو.
واضح رهي ته اڄ شام کان پريا ڪماريءَ جي بازيابي لاءِ ٽي تلوار وٽ ڌرڻو جاري هو، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن طرفان شرڪت ڪري نينگري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.
karachi pakistan priyakumari