صوفي راڳي سوڍل فقير بيمارين سان جهيڙيندي لاڏاڻو ڪري ويو

مورو (رپورٽ: جاني مورائي) سنڌ جو ڀلوڙ صوفي راڳي سوڍل فقير لغاري لاڏاڻو ڪري ويو. سوڍل فقير ڊگهي وقت کان جيري ۽ شگر جي  مرضن ۾ مبتلا هو جنهن جو مختلف وقتن تي علاج پڻ ٿيندو رهيو. 9 محرم جي شام سندس طبيعت خراب ٿي هئي جنهن کانپوءِ کيس نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي گذريل ڏينهن سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. سوڍل فقير لغاري جو مڙهه ايمبولينس ذريعي مورو ويجهو ڳوٺ لغاري بجراڻي آندو ويو جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڳوٺاڻن سميت مائٽن، دوستن ۽ مداحن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جنهن کانپوءِ آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ساڻس تعزيت جو سلسلو هلندڙ  آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.