چونڊون رد ٿيڻ جي ڳالهه پئي هلي، آئيني بريڪ ڊائون جو خطرو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ آئيني بريڪ ڊائون جو خطرو موجود آهي، فچ 18 مهينن ۾ حڪومت جي خاتمي بابت جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان ۾  وزن آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ويٺا آهن،اليڪشن جي نتيجي ۾ اسان کي جيڪو اسپيس مليو آهي ان جي هر انچ جو دفاع ڪنداسين،هن چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن رد قرار ڏيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي،غلام گردشن ۾ سرگوشيون ٿي رهيون آهن، خدشو موجود آهي،اهي اسان جي حڪومت جي ڳالهه نه پيا ڪن، سسٽم ويڙهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن،ٽيڪنوڪريٽ سسٽم ايندو ته جمهوري ادارا ويڙهجي ويندا،هن چيو ته اهي به افواهه هلي رهيا آهن ته آڪٽوبر ۾ عدالتي ۾ اليڪشن بابت درخواست ايندي ته اڪلائينداسين، مڃان ٿو ته غيريقيني صورتحال آهي،ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي رينڪنگ ڪندي ملڪي سياسي حالتن کي به جاچيندي آهي،فچ ڪهڙو فارمولو اپلائي ڪيو آهي ته 18 مهينن جو ذڪر ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيلصو به وقت کان اڳ ڪيو ويو، پ پ صحيح پئي چوي ته کانئن ڪا به مشاورت نه ڪئي وئي، اتحادين سان مشاورت ضروري آهي، انهن سان صلاح مشورا نه ڪيا ويا، اتفاق راءِ سان فيصلو ڪنداسين،نوازشريف بلڪل به غيرمتحرڪ ناهي،هن وقت جيڪي حالتون آهن انهن ۾ سياستدانن ۽ عدليه جو به حصو آهي،هن چيو ته پاڪستان لاءِ تحريڪ انصاف خطرو بڻجي وئي آهي، انهن کي سموري امداد آمريڪا مان ملي رهي آهي،اتي انهن جون لابيز سرگرم آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.