ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ريچا چڍا ۽ علي فضل جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد ٿي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ريچا چڍا 18 جولاءِ تي گڏيل بيان جاري ڪيو جنهن ۾ جوڙي نياڻي جي پيدائش جو اعلان ڪيو .
ريچا چڍا ۽ علي فضل پنهنجي بيان ۾ چيو ته هنن ٻه ڏينهن اڳ 16 جولاءِ تي پنهنجي صحتمند ننڍڙي پري کي دنيا ۾ ڀليڪار چيو آهي، اسان اِها خوشخبري سڀني کي ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.
اسٽار جوڙي چيو ته سندن گهرڀاتي نياڻي جي پيدائش تي تمام گهڻو خوش آهن ۽ اسان انهن سمورين ماڻهن جا ٿورائتا آهيون جن ان سفر ۾ اسان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو .
واضح رهي ته علي فضل ۽ ريچا چڍا سال 2020 ۾ باظابطا شادي ڪئي هئي پر هو عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پنهنجي شاديءَ جو جشن نه ملهائي سگهيا هئا، انڪري ٻنهي آڪٽوبر 2022 ۾ ٻيهر شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
آڪٽوبر ۾ علي فضل ۽ ريچا چڍا جي شادي جون تقريبون ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ٿيون جتي سندن مهندي واري رسم ٿي، جنهن بعد جوڙي شادي لاءِ اتر پرديش رياست جي شهر لکنئو جي چونڊ ڪئي، جتي ٻنهي روايتي رسمن تحت شادي ڪئي.
Next Post
You might also like