”اوهان ٽرمپ کان نه ٿا کٽي سگهو“ پلوسي بائيڊن کي مُنجهائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي هائوس اسپيڪر نينسي پلوسي جي صدر جو بائيڊن سان فون ڪال تي مبينا گفتگو ٿي جنهن ۾ هن صدر کي چيو ته پولز مان پتو پوي ٿو ته هو صدارتي چونڊ هارائي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نينسي پلوسي ۽ بائيڊن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه گذريل هفتي ٿي ۽ ان دوران پلوسي بائيڊن کي چيو ته پولز نتيجن مان پتو پوي ٿو ته هو صدارتي چونڊ نٿو کٽي سگهي.
نينسي پلوسي بائيڊن کي ٻڌايو ته پولز ۾ سندس هار نظر اچي رهي آهي، پولز نتيجن موجب بائيڊن ٽرمپ کي نه ٿو هارائي سگهي انڪري بائيڊن پاران چونڊ وڙهڻ ڊيموڪريٽس جي فتح جي امڪان کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نينسي پلوسي جي گفتگو جي ردعمل ۾ بائيڊن پولز بابت دفاعي انداز اختيار ڪندي چيو ته هن وٽ اهڙا پولز آهن جيڪي ڪاميابي جو ٻڌائين ٿا، ڪنهن ذريعي اشارو ناهي ڏنو ته پلوسي سمجهي ٿي ته بائيڊن کي صدارتي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڇنڇر تي هڪ انٽرويو دوران نينسي پلوسي چيو هو ته اِهو صدر بائيڊن تي آهي ته فيصلو ڪري ته هو چونڊن ۾ حصو وٺندو يا نه .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.