ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڻوڻندڙ وڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي اداڪارا اُروَشي روٽيلا جي پنهنجي مئنيجر سان آڊيو ڪال به منظرِعام تي اچي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ڪال رڪارڊنگ ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته اداڪارا وڊيو ليڪ ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي مئنيجر اروشي کي خاطري ڪرائيندي چوي ٿو ته سندس ٽيم وڊيو کي مختلف پليٽ فارم تان هٽائڻ ۾ رڌل آهي.
اورشي روٽيلا ڪاوڙ ڪندي چيو ته کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اِهو سڀ ڪيئن ليڪ ٿي رهيو آهي ۽ هن مئنيجر کي ٽيم سان رابطو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
ياد رهي ته اداڪارا جي غسل خاني مان هڪ اڻوڻندڙ وڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ واهپيدارن طرفان مختلف قسم جا تبصرا ڪيا پيا وڃن، ڪجهه واهپيدارن ان کي فلم جو سين قرار ڏنو جڏهن ته ڪجهه مشهوري جو طريقو قرار ڏنو آهي.
You might also like