ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا ميرا پاڪستاني سُپر اسٽار، اداڪار فواد خان سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
اداڪارا اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ” امرائو جان ادا “ جي عڪسبندي ۾ رڌل آهي.
تازو ئي هن شوٽنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
جڏهن هڪ صحافي کائنس فواد خان سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت سوال ڪيو ته جنهن تي اداڪارا جواب ڏنو ته فواد خان سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيئي فلمسازن سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، فلحال ڪجهه فائنل ناهي ٿي سگهيو ڇوته حتمي فيصلو ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر ئي ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته مان به فواد خان سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪڏهن حياتي رهي ته ساڻس گڏ ضرور ڪم ڪنديس.
You might also like