راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) نيب جي ٽيم توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي چوٿون ڀيرو پاڇا ڳاڇا ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا جي نئين ريفرنس جي جاچ لاءِ نيب ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهتي.
نيب جي جاچ ٽيم گيٽ پنج کان اڊيالا جيل اندر داخل ٿي ۽ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشري بي بي کان چوٿون ڀيرو پڇاڳاڇا ڪري واپس رواني ٿي وئي.
نيب جي ٽيم جوابدارن کان توشاخانا جي نئين ريفرنس جي حوالي تحفي ۾ مليل بلغاري جيولري سيٽ بابت سوال ڪيا.
نيب جي جاچ ٽيم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا ڪئي.
واضح رهي ته نيب جوابدارن جو احتساب عدالت ۾ اٺ ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو آهي، جوابدارن کي 22 جولاءِ تي ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ سان گڏ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
You might also like