ڪيٽ ٽوريس کي انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ 8 سال ٽِيپ

اڳوڻي برازيلين ماڊل ۽ انفلوئنسر ڪيٽ ٽوريس کي انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ آمريڪا ۾ اٺ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سپٽيمبر 2022 ۾ برازيل جون ٻه نوجوان ناريون لاپتا ٿي ويون هيون جنهن کانپوءِ سندن گهرڀاتين ۽ آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ سندن تلاش لاءِ پوري آمريڪا ۾ ڳولا شروع ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽ موجب، ايف بي آءِ کي رڳو ايتري ڄاڻ هئي ته اِهي ناريون ڪيٽ ٽوريس سان گڏ رهندڙ هيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪيٽ ٽوريس کي هاڻ انهن عورتن مان هڪ هڪ جي انساني اسمگلنگ ۽ ٻي کي غلاميءَ هيٺ رکڻ جي ڏوهه ۾ اٺ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪيٽ ٽوريس جا هالي ووڊ اسٽار ليونارڊو ڊي ڪيپريو سان به ماضي ۾ لاڳاپن جا اطلاع سامهون آيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.