راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان سامهون اچي ويو.
عمران خان جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان 13 جولاءِ تي احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ جي روبرو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو جڏهن ته 20 جولاءِ تي صفائي وارا وڪيل اعظم خان جي بيان تي آڏي پڇا ڪندا.
پنهنجي بيان ۾ اعظم خان چيو ته 190 ملين پائونڊ بابت معاملي کي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو هو، شهزاد اڪبر پنهنجي صحي ٿيل هڪ نوٽ موٽ کڻي آيو، نوٽ ڳجهي معاهدي تي صحي وارو معاملو ڪابينا ۾ آڻڻ لاءِ وزراعظم جي منظوري وٺڻ بابت هو.
اعظم خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهزاد اڪبر چيو ته وزيراعظم نوٽ کي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم وٽان تصديق کانپوءِ فائل ڪابينا سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي وئي هئي، ڪابينا سيڪريٽري سان جڏهن معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو منهنجي آفيس ۾ موجود هو.
اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري بيان ڏنو ته مون ان معاملي تي ڪابينا اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ۽ نه ئي وفاقي ڪابينا ۾ ان معاملي تي ٿيل بحث بابت آگاهي هئي .
اعظم خان بيان اِهو به چيو آهي ته معاهدي تي ٿيل صحي کي مون سڃاڻي ورتو هو، معاهدي سان گڏ هڪ ڳجهي لکت موجود هئي جنهن بابت ٻڌايو نه ويو .
ياد رهي ته ان کان اڳ پرويز خٽڪ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال به 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پنهنجو بيان عدالت ۾ جمع ڪرائي چڪا آهن.
190 ملين پائونڊ ڪيس: اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جو عدالت ۾ ڏنل بيان سامهون اچي ويو
Prev Post
You might also like