اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي ستين ڊجيٽل آدمشماري رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت پاڪستان دنيا جو پنجون وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻجي ويو، پاڪستان ۾ آبادي جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي، ملڪ آبادي ۾ واڌ مستقبل ۾ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي.
ملڪ ۾ ستين ڊجيٽل آدمشماري رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب وفاقي راڄڌاني ۾ ٿي جنهن موجب پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار آهي.
شماريات کاتي جي رپورٽ موجب، سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 57 لک آهي جڏهن ته پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 9 هزار خيبرپختونخوا جي آبادي چار ڪروڙ 8 لک 6 هزار آهي.
شماريات چيف نعيم الظفر موجب، ملڪ جي صوبائي راڄڌانين ۾آبادي جو انگ وڌي ويو آهي، ڪراچي جي آبادي ٻه ڪروڙ 40 لک ٿي وئي آهي جڏهن ته لاهور جي آبادي هڪ ڪروڙ 30 لک پشاور جي آبادي 47 لک ۽ ڪوئيتا جي آبادي 25 لک ٿي وئي آهي.
شماريات کاتي موجب، حيدرآباد جي آبادي 19 جڏهن ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي آبادي پنج، پنج لک آهي، بلوچستان جي شهر ڪيچ جي آبادي ڏهه لک، خضدار جي آبادي نوَ لک، پشين جي اٺ لک ۽ لسٻيلي جي آبادي ڇهه لک آهي.
ڳڻت کاتي جي انگن اکرن موجب، فيصل آباد جي آبادي 36 لک 90 هزار، راولپنڊي جي آبادي 33 لک، ملتان جي آبادي 26 لک جڏهن ته مردان جي 27 لک، سوات جي 26 لک، صوابي جي آبادي 18 لک ۽ چارسدا جي آبادي 18 لک آهي.
ڊاڪر نعيم الظفر موجب، ڊجيٽل سروي ۾ پهريون ڀيرو معذور ماڻهن جي ڊيٽا به گڏ ڪئي وئي جنهن موجب، پاڪستان ۾ ڪُل آباديءَ جو 3.10 سيڪڙو معذور آهن، 3.30 سيڪڙو مرد، 2.88 سيڪڙو عورتون معذور آهن.
ڊاڪٽر نعيم الظفر چيو ته ملڪ ۾ آبادي جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان ۾ آبادي جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي، ملڪ آبادي ۾ واڌ مستقبل ۾ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، ٻهراڙي جي آبادي 61 سيڪڙو ۽ شهري آبادي 39 سيڪڙو آهي.
هن اِهو به ٻڌايو ته ملڪ ۾ 66 سيڪڙو شادي شده جوڙا آهن، پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جي شرح دنيا سميت خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، موجودا شرح موجب، 2050 تائين پاڪستان جي آبادي ٻيڻي ٿيڻ جو خدشو آهي، 2017 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ آبادي جي گروٿ 2023 ۾ رڪارڊ ڪئي وئي.
شماريات کاتي موجب، پاڪستان 21 لک 26 هزار 79 افغان، بنگالي، چيني ۽ ٻيا پرڏيهي رهي رهيا آهن، ملڪ ۾ 87 لک هندو، مسيحي، احمد ۽ ٻين مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو آباد آهن.
رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ 68 سيڪڙو مرد ۽ 53 سيڪڙو عورتن پڙهيل لکيل آهن، 5 کان 16 سالن تائين جا ٻه ڪروڙ 53 لک 70 هزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ پنجاب ۾ 96 لک، سنڌ ۾ 78 لک تائين آهي، ڪي پي ۾ 49 لک ٻار ۽ بلوچستان ۾ 50 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
Next Post
You might also like